ترمچي

ترمچي

ترمچي باز

ترمچي باز/چٽوو/ چيٽوو:33 سينٽي ميٽر قد واري هن باز جي منڍي ناسي، ڳچي ۽ ڳل سفيد ۽ پٺيءَ جو رنگ نيرو سرمائي ٿئي ٿو. ان جي پيٽ ۽ پڇ تي اڇيون ڪاريون ۽ سرمائي ليڪون هونديون آهن. گهاٽي وڻڪار بدران گهٽ وڻڪار وارن پاسن کي پسند ڪندو آهي. طبعيت ۾ چيڙاڪ ۽ بهادر شڪاري پکي آهي. پنهنجن نوڪدار پرن جي مدد سان تيز ۽ گهٽ پرواز ڪندو آهي، ننڍا پکي شڪار ڪندو آهي ۽ اڪثر جوڙي ۾ رهندو آهي .


لفظ ترمچي بازھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو